پڃرو (ڪتاب)

پڃرو (ڪتاب)

پڃرو ڪتاب

پڃرو (ڪتاب): هي شعري مجموعو هند جي نئين ٽهيءَ جي شاعره رشمي راماڻي جو آهي، جنهن ۾ ڪُل 53 نثري نظم آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناموَر ليکڪ ڪرشن کٽواڻيءَ لکيو آهي، جيڪو رشميءَ بابت لکي ٿو: ”رشميءَ جون ڪويتائون پڙهندي مون کي لڳو هي ان ڇوڪريءَ جا احساس آهن، جا مکڙيءَ مان گل ٿيڻ لاءِ تڙڦي رهي آهي ۽ زماني جي سج جي تيز تپش سندس ڪچڙن احساسن ۾ چير وجھي رهي آهي.“ هي ڪتاب رشمي راماڻيءَ انڊور مان آڪٽوبر 1991ع ۾ مڌيا پرديش سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي سهڪار سان پڌرو ٿيو. ڪچي جلد سان 90 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو